اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو رنگ، نسل يا مذهب ناهي هوندو، تشدد جي ذريعي نظريا مڙهڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار قيمتي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني قوم، پاڪ فوج ۽ پورو معاشرو دهشتگردن ۽ دنيا جي وچ ۾ مضبوط ڍال …
دهشتگردن جو ڪو رنگ، نسل يا مذهب ناهي هوندو، تشدد جي ذريعي نظريا مڙهڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردن جو ڪو رنگ، نسل يا مذهب ناهي هوندو، تشدد جي ذريعي نظريا مڙهڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار قيمتي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني قوم، پاڪ فوج ۽ پورو معاشرو دهشتگردن ۽ دنيا جي وچ ۾ مضبوط ڍال آهي، رياستي ادارن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ عوام جي گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موثر قدم کنيا ويا، 2017ع ۾ دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ ملڪ ۾ سيڙپڪاري شروع ٿي جڏهن ته بعد ۾ بدقسمتي سان پاليسي ۾ تبديلي سان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ چار سال جي ڪوششن کي نقصان پهتو، پاليسين جي تسلسل جي لاءِ سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، دهشتگردي جي خاتمي جي جدوجهد ۾ بيانيي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، معرڪه حق دوران پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت پاڪستان جي خلاف بي بنياد الزام هڻي اصل جنگ کان اڳ ئي بيانيي جي جنگ شروع ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته پاڪستان موثر انداز ۾ ڀارتي الزامن جو جواب ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پهلگام واقعي جي عالمي سطح تي شفاف جاچ جي آڇ سان ڀارت گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويو، پاڪستان جو مثبت تشخص سڄي دنيا ۾ اڀريو آهي، ان کي سفارتي سطح تي وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن ۽ پاڪستان هڪ اعتماد جوڳي ثالث جي طور تي سامهون آيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سسٽين ايبل سوشل ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي اهتمام هيٺ بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي پارليامينٽ ميمبرن جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي فريم ورڪ، قانونسازي بابت ذميوارين جي موضوع تي ڪيپيسٽي بلڊنگ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعاتي جنگ ۽ بيانيي جي محاذ تي اها حقيقت نظر ۾ رکڻ ضروري آهي ته تاثر اڪثر حقيقت کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. بطور انفارميشن مئنيجرز يا نيريٽو بلڊرز اسان جو ڪم تاثر ۽ حقيقت جي وچ ۾ موجود خال کي گهٽ ڪرڻ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2017ع ۾ ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال، خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جي سرگرمين، بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي لهر ۽ ڏکڻ پنجاب کان وچ پنجاب طرف وڌندڙ شدت پسندي جهڙن چئلينجز جي ڏس ۾ ان وقت رياست قومي ايڪشن پلان آڻڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي سمورين ڌرين لبيڪ چيو. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن گڏجي دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو وڏي حد تائين خاتمو ممڪن ٿيو، دهشتگردي جي خلاف ان ڪامياب جدوجهد ۾ موثر بيانيي پڻ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پهلگام واقعي جي فوري پوءِ ڀارت پاران پاڪستان تي ان واقعي ۾ ملوث هجڻ جي الزام هنيا ويا، اهڙي طرح اصل جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي تاثر ۽ بيانيي جي جنگ شروع ٿي وئي. هن چيو ته رياست ڀارتي الزامن جو ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ جواب ڏيندي اهي سوال اٿاريا ته پهلگام واقعو پيش اچڻ کانپوءِ رڳو اڌ ڪلاڪ جي اندر ايف آءِ آر ڪيئن داخل ٿي وئي ۽ جيڪڏهن ڀارتي دعوى موجب حملي آور پاڪستان مان آيا هئا ته لائين آف ڪنٽرول پهلگام کان اٽڪل ڏيڍ سئو ڪلوميٽر پري هجڻ ۽ وچ ۾ ڏکيو جابلو علائقو موجود هجڻ جي باوجود اهي ايتري گهٽ وقت ۾ اتي ڪيئن پهتا جڏهن ته ڀارتي سيڪيورٽي انهن کي وقت سدر سڃاڻپ يا روڪڻ ۾ به ناڪام رهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ايم اي ڪاڪول ۾ خطاب دوران پهلگام واقعي جي عالمي سطح تي شفاف جاچ جي آڇ ڪئي جنهن کانپوءِ ڀارت گهٻراهٽ جو شڪار ٿي ويو، ان وٽ ڪو موثر جواب نه هو. هن چيو ته ان کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيانيي جي جنگ جاري رهي ۽ هن بطور اطلاعات واري وزير عالمي ميڊيا جي مخطتلف ادارن جن ۾ سي اين اين، بي بي سي، اسڪاءِ نيوز، سي اين بي سي، الجزيره ۽ العربيه شامل آهن، تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته عالمي ميڊيا آڏو سوال اٿاريو ويو ته جنهن قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار قيمتي جانين جون قربانيون ڏنيون هجن، اها دهشتگردي جي حمايت ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ هن چيو ته انهن شهيدن ۾ پاڪ فوج جا جوان، سپاهي ۽ آفيسر، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار، سياستدان، عام شهري، انجنيئرز، ڊاڪٽرز ۽ ٻار سامل آهن جڏهن ته اي پي ايس سانحي ۾ پڻ اسان جي معصوم ٻارن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ طرف پاڪستان اهڙي قوم آهي جنهن جي هر طبقي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن جڏهن ته ٻئي طرف ڀارت آهي جيڪو پاڻ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اقليتن کي قتل ڪرائڻ ۾ ملوث رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي عروج جي دور ۾ پاڪستان جي هر ٻئي گهر ۾ قرباني جي هڪ لازوال داستان موجود هئي، ان جي باوجود ڀارت پاڪستان تي سرحد پار دهشتگردي جا الزام هڻي ٿو جڏهن ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان جنگ ۾ وڏو جاني نقصان کڻي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ٻاهرئين ملڪ اقليتن کي نشانو بڻائڻ جا واقعا دنيا جي سامهون آهن، ڪئناڊا ۾ هڪ سک شهري جي قتل ۾ پڻ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته مختلف ملڪن ۾ ڀارتي حڪومت پاران اقليتي برادري جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جا واقعا سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته هڪ طرف ڀارت پاڪستان تي سرحد پار دهشتگردي جي الزام هڻي ٿو جڏهن ته ٻئي طرف پاڻ ڀارتي حڪومت ٻاهرئين ملڪ اقليتن جي قتل ۾ ملوث رهي آهي. هن چيو ته عالمي ميڊيا آڏو پاڪستان حقيقتن ۽ دستياب ثبوتن جي بنياد تي پنهنجو بيانيو موثر انداز ۾ پيش ڪيو ته جنهن ملڪ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون هجن، ان جي ڀيٽ اهڙي ملڪ سان نه ٿي ڪري سگهجي جيڪو پاڻ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ ۾ ملوث هجي. هن چيو ته پاڪستان وٽ پنهنجي موقف جي حق ۾ ٺوس ثبوت موجود آهن جن ۾ بلوچستان مان ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري پڻ شامل آهي جيڪو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ ملوث هو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اهي حقيقتون ۽ ثبوت عالمي ميڊيا آڏو رکيا ويا ته ڀارت وٽ انهن جو ڪو موثر جواب نه هو. هن چيو ته بلوچستان جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا ۽ اتان جي ڪجهه تجزيه نگارن جي بيانيي جو جائزو ورتو وڃي ته ڀارت پاران ان صوبي کي مسلسل هدف بڻائڻ جو رجحان واضح نظر اچي ٿو. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي بلوچستان مان گرفتاري ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت پاڪستان جي اندر دهشتگردي ۽ بدامني جي سرگرمين جي سرپرستي ۾ ملوث رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جو بيانيو مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جيڪڏهن پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ نه وڙهن ها ته دهشتگرد دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گهمي ڦري رهيا هجن ها. هن چيو ته پاڪستاني قوم، پاڪ فوج ۽ پورو پاڪستاني معاشرو دهشتگردن ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڍال آهي، ان جي لاءِ جڏهن ڪو پاڪستاني دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿئي ٿو ته اهو رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي مقصد جي لاءِ قرباني نه ٿو ڏي پر دنيا کي هڪ محفوظ ۽ پرامن جڳهه بڻائڻ جي لاءِ پڻ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ٿو. هن چيو ته بيانيي جي محاذ تي دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان هڪ موثر جنگ وڙهي، جنهن ۾ الله تعالى وڏي ڪاميابي عطا ڪئي، عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف مضبوط ٿيو ۽ دنيا پاڪستاني بيانيي کي تسليم ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، آءِ ايس پي آر ۽ پاڪستاني ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته معرڪه حق دوران ڀارتي ميڊيا پاران لاهور ۽ ملتان جي بندرگاهن جي تباهي سميت ڪيتريون ئي بي بنياد دعوائون ڪيون ويون جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميواراڻي صحافت جو مظاهرو ڪندي حقيقتن کي سامهون رکيو. هن چيو ته قوم متحد هئي ۽ حقيقتن ۽ انگن اکرن جي بنياد تي پاڪستان پنهنجو موقف دنيا آڏو پيش ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ الله تعالى ڪاميابي عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ ڪراچي کان خيبر تائين امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جو عمل پڻ شروع ٿيو جڏهن ته بدقسمتي سان بعد ۾ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ همدرديءَ پيدا ڪئي وئي ۽ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه جي پاليسي اختيار ڪئي وئي جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ چار سالن تائين جاري رهندڙ قومي ڪوششن کي شديد نقصان پهتو. هن چيو ته پاليسي ۾ ان تبديلي جي فيصلي تي سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو جڏهن ته قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جهڙن اهم معاملن تي سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ ضروري هوندو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ دهشتگردي جي جيڪا صورتحال درپيش آهي، اها 2017ع کانپوءِ پاليسي ۾ تبديلي جو نتيجو آهي. وفاقي وزير چيو ته الله تعالى جو شڪر آهي ته گذريل اڍائي کان ٽن سالن دوران قومي ايڪشن پلان تحت ڪيترن ئي ايرياز ۾ نمايان بهتري آئي آهي. دهشتگرد هاڻي مشڪل هدفن بدران سافٽ هدفن جو رخ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جعفر ايڪسپريس جي طرز جو واقعو اڳ ۾ ڪڏهن رونما نه ٿيو، اسان جي سيڪيورٽي اييجنسين پيشيواراڻي مهارت سان ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان جو بنياي سبب پاليسي ۾ تبديلي رهي جڏهن ته دهشتگردي جي تازين ڪاررواين ۾ ٻاهرئين هٿ جي ملوث هجڻ ۾ پڻ ڪو شڪ نه آهي ڇو ته ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ اهڙي نوعيت جون سرگرميون ممڪن نه آهن. هن چيو ته اطلاعات جي شعبي ۾ قانون موجود آهن جڏهن ته سائبر ڪرائيمز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف آءِ اي تحت قائم ونگ کي هاڻي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي ڪنهن شخص پاران هڪ پوسٽ به ڪنهن ٻئي شخص جي زندگي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي، عورتن کي هراسان ڪرڻ، ٻارن سان بدسلوڪي بابت به سنگين مسئلا درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل شعبي ۾ غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ مواد معاشري ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ اهڙن معاملن جي روڪٿام جي لاءِ موثر قانوني ڍانچي ۽ نظام جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت بيانيو جوڙڻ جي عمل ۾ قانون جو لاڳو به هڪ اهم عنصر آهي جنهن جي لاءِ قانونسازي، ضابطاڪاري ۽ اهڙو نظام جوڙڻ شامل آهي جنهن جي ذريعي رياست مخالف بيانيي ۽ پروپئگنڊه جي ذريعي ماڻهن جي ذهن سازي جو موثر طور تي تدارڪ ڪري سگهجي. هن ماهه رنگ بلوچ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو رياستي وسيلن ۽ حڪومتي مدد سان تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻجي، جنهن رياست کيس تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ معاشري جو تعليم يافته شخص بڻجڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ان انهي رياست جي خلاف مهم هلائي. وفاقي وزير سوال اٿاريو ته ماهه رنگ بلوچ جي ڌرڻي ۽ اسلام آباد سميت ٻين سرگرمين جي لاءِ مالي وسيلا ڪٿان اچن ٿا ۽ انهن سرگرمين جي مالي مدد ڪير ڪري ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ٻاهرئين هٿ جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن، بلوچستان مان ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري ان حوالي سان مستنند ثبوتن ۾ شامل آهي. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد جي لاءِ قانوني ڍانچو موجود آهي جنهن ۾ وقت جي گهرجن موجب وڌيڪ بهتري آندي پئي وڃي. هن چيو ته بيانيي جي جنگ ۾ وفاق ۽ سمورن صوبن جي گڏيل شرڪت لازمي آهي ته جيئن رياست مخالف پروپئگنڊه ۽ ماڻهن جي ذهن سازي جي ڪوششن جو موثر ۽ ٺوس انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ان حوالي سان قدم جاري آهن جڏهن ته موجوده نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي. قومي ايڪشن پلان تحت موجوده قانوني ڍانچي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ تاثرسازي جي محاذ تي رياست جو مثبت ڪردار مضبوطو ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته ان عمل ۾ صوبائي اسيمبلين جو اهم ڪردار آهي جن دهشتگردي جي خاتمي ۽ رياستي بيانيي جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. هن چيو ته بلوچستان حڪومت به رياست مخالف پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجو موقف موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ذڪر جوڳا قدم کنيا آهن جتي منفي پروپئگنڊه جي ذريعي مخصوص بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. هن يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت به ان ڏس ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت قاعدن ۾ تبديلي جي ذريعي جديد رخن تي قائم نئون ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊيجيٽل شعبي ۾ ميڊيا، ميڊيا مانيٽرنگ ۽ قومي بيانيي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر جي قائم جديد ڊيجيٽل سيٽ اپ معرڪه حق دوران پڻ موثر ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ان مرڪز ۾ مصنوعي ذهانت جي بنياد تي ميڊيا مانيٽرنگ جو نظام موجود آهي جنهن جي ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيندڙ اهم خبرن ۽ ڌيان طلب معاملن جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي. مصنوعي ذهانت تي اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ جي ٽيڪنالاجي جي ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بحث هيٺ ايندڙ اهم موضوعن کي خودڪار انداز ۾ لکت واري شڪل ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو جنهن سان ميڊيا جي رجحانن ۽ اهم معاملن جي وقت سر نشاندهي ۾ مدد ملي ٿي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن کي پڻ ڊيجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ مدد جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو صوبو پنهنجو نظام پاڻ جوڙڻ چاهي ته حڪومت ان کي گهربل ٽيڪنالاجي ۽ ماهرن جي مدد فراهم ڪندي ته جيئن صوبا پنهنجي ضرورتن موجب اهو نظام پاڻ تيار ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مختلف ننڍا وڏا سوشل ميڊيا سيلز ته ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن ته وفاق ۽ صوبن ۾ ٺوس ۽ منظم ڊيجيٽل ڍانچي جي کوٽ هئي جنهن کي هاڻي جديد ڊيجيٽل نظام جي ذريعي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ٽي وي جي نالي سان به هڪ نئون ڊيجيٽل قدم شروع ڪيو آهي جنهن تحت ثقافت، موسيقي، کاڌن، فنون ۽ سياحت سميت مختلف شعبن تي مواد تيار ڪيو پيو وڃي. ان قدم جو مقصد ڊيجيٽل شعبي ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ سافٽ اميج کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايندڙ ٻن کان اڍائي سالن دوران ڊيجيٽل شعبي ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ، بين الصوبائي رابطن، هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا ويندا ته جيئن دنيا جي سامهون پوري پاڪستان جو مثبت ۽ جامع تشخص پيش ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ٽي وي چينلز جي بيوروز جو قيام ضروري آهي ڇو ته ڪجهه علائقن ۾ صبح جي خبر رات دير تائين مرڪز تائين پهچي ٿي جيڪو هڪ وڏو چئلينج آهي. هن نجي ٽي وي چينلز کي چيو ته اهي ان حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو مثبت چهرو پوري دنيا ۾اڀريو آهي، سفارتي سطح تي پاڪستان کي وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن ۽ ملڪ هڪ موثر ثالث جي طور تي سامهون آيو آهي جنهن کي عالمي سطح تي قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بيانيي جي طاقت کي استعمال ۾ آڻيندي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ پي آءِ ڊي ۾ خصوصي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن جوڪو رنگ، نسل يا مذهب ناهي هوندو، دهشتگرد جي نه ڪا قوميت هوندي آهي، نه رنگ، نسل يا مذهب، ان کي رڳو تشدد جي زبان سمجهه ۾ ايندي آهي ۽ هو تشدد جي ذريعي پنهنجا نظريا مڙهڻ جيڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هجرت ڪئي ۽ جان ۽ مال جي قرباني ڏني، هي ملڪ 27 رمضان المبارڪ جي رات وجود ۾ آيو ۽ انشاءَ الله قيامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته پاڪستان کي ملندڙ عزت ۽ ڪاميابيون ان ڳالهه جي نويد آهي ته ملڪ وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ قوم اتحاد سان ان کي اڳتي وٺي ويندي. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان جي ترقي سدائين حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل رهي آهي، بلوچستان جو فيڊريشن ۾ وڏو حصو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان جي حقن، ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان خصوصي احساس رکن ٿا ۽ بلوچستان جي ترقي کي پاليسي سازي ۾ اهميت ڏني وڃي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اين – 25 رستي جي تعمير ۽ بحالي جي اعلان جي پوري ملڪ آجيان ڪئي ۽ ڪنهن ان فيصلي جي مخالفت نه ڪئي. پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سميت پوري ملڪ بلوچستان جي لاءِ ان اهم قدم جي حمايت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان جي حوالي سان جذبا رڳو موجوده دور تائين محدود نه آهن پر ڊگهي عرصي کان هو صوبي جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ هر اجلاس ۾ ترقياتي منصوبن ۾ بلوچستان جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪري ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير بلوچستان جي شاگردن ۽ يونيورسٽين جي لاءِ خصوصي ڪوٽا ۽ موقعا يقيني بڻايا ۽ پنجاب جي ترقياتي پاليسين ۾ بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ هڪ خاص حصو رکيو. هن چيو ته پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز شريف به دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ بلوچستان حڪومت کي 15 ارب رپيا فراهم ڪيا جنهن تي بلوچستان حڪومت اضافي فنڊز رکڻ تي پنجاب حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه بنيادي ۽ قومي پاليسين جي تسلسل تي سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، اليڪشن ۾ ڪا به پارٽي ڪامياب ٿئي، سٺي ۽ قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل برقرار رهڻ گهرجي. هن ريسڪيو 1122 جو مثال ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ چوڌري پرويز الاهي سياسي طور تي اسان جو مخالف آهي تنهن هوندي به ريسڪيو 1122 ان جو هڪ بهترين منصوبو آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ سدائين ان کي ڏنو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير ريسڪيو 1122 کي وڌيڪ سگهه ڏني ۽ بعد ۾ ان جو دائرو بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ تائين ڦهلايو ويو، اهڙي طرح هڪ صوبائي منصوبي کي قومي سطح جو منصوبو بڻايو ويو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به هڪ سٺو منصوبو آهي جيڪو محترمه بينظير ڀٽو شهيد سان منسوب آهي ۽ مختلف حڪومتن سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ان کي جاري رکيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جتي ايندڙ حڪومتن سياسي اختلاف جي باوجود اڳوڻي حڪومت جي سٺي منصوبن کي ختم ڪرڻ بدران انهن کي جاري رکيو. هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙو سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تحت اڳوڻي حڪومتن جي سٺي منصوبن ۽ قومي مفاد جي پاليسين کي تسلسل سان اڳتي وڌايو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن سياسي اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ جيلن ۾ هو ۽ اپوزيشن جي پهري صف جي قيادت موجود نه هئي، ان وقت به شهباز شريف مخالف ڌُر اڳواڻ طور قومي مفاد ۾ ميثاق معيشت جي تجويز پيش ڪئي هئي. هن چيو ته آخرڪار ملڪ کي اهڙي پاليسين تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو جيڪي حڪومتن جي تبديلي سان متاثر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح 2017ع ۾ ڪراچي مان دهشتگردي جو خاتمو ۽ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آندي وئي، اهڙي طرح ڪراچي جي ترقي جي لاءِ پڻ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.












