پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران جشن  آزادي جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪون

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي قيام لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو ٺهڻ عوام جي پرامن سياسي جدوجهد ۽ اٽل عزم جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، جڏهن ته آزادي هڪ مقدس امانت آهي، جيڪا بيشمار قربانين کانپوءِ حاصل ٿي.هن چيو ته …

ڪراچي-14 آگسٽ (اي پي پي)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي قيام لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جو ٺهڻ عوام جي پرامن سياسي جدوجهد ۽ اٽل عزم جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، جڏهن ته آزادي هڪ مقدس امانت آهي، جيڪا بيشمار قربانين کانپوءِ حاصل ٿي.هن چيو ته آزادي کي عزم، اتحاد ۽ انهن اصولن سان وابستگي ذريعي برقرار رکي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ پاڪستان قائم ڪيو ويو. آزادي ڏهاڙي تي پرامن، خوشحال، جمهوري ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلندڙ پاڪستان جي تعمير لاءِ عزم جي تجديد ڪئي وڃي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو رواداري، پرامن سياسي جدوجهد ۽ وفاقي جمهوريت تي ٻڌل ويزن اڄ به قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عوام دوست، مزدور دوست ۽ مساوات تي ٻڌل فلسفو پڻ قوم لاءِ رهنما اصول آهي.هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مفاهمت ۽ آمريت خلاف مزاحمت وارو فلسفو پيپلز پارٽي جي بنيادي قدرن جو حصو آهي. صدر آصف علي زرداري جي قومي هم آهنگي واري پاڪستان جي خوشحالي واري بصيرت کي پڻ خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته قومي اتحاد پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. پاڪستان جي منزل هڪ خوشحال، ترقي يافته، مضبوط، جمهوري، وفاقي ۽ مساوات تي ٻڌل رياست آهي، جتي سڀني صوبن ۽ علائقن جي عوام کي برابر موقعا ۽ وقار حاصل هجي.هن چيو ته ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. پاڪستاني قوم کي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، اچو ته اهڙي پاڪستان لاءِ اڳتي وڌندا رهون، جتي جمهوريت مضبوط هجي، هر شهري برابر هجي ۽ ڪو به گهر محرومي جو شڪار نه رهي.