اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم آزادي تي قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آزادي الله تعاليٰ جي عظيم نعمت آهي، اسان کي ان جو قدر ۽ حفاظت ڪرڻي آهي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عظيم جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي …
آزادي الله تعاليٰ جي عظيم نعمت آهي، اسان کي ان جو قدر ۽ حفاظت ڪرڻي آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان يوم آزادي تي قوم کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آزادي الله تعاليٰ جي عظيم نعمت آهي، اسان کي ان جو قدر ۽ حفاظت ڪرڻي آهي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي عظيم جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ملڪي سرحدن جي حفاظت پاڪ فوج جي لازوال قربانين جو نتيجو آهي. عبدالعليم خان پنهنجي پيغام ۾ يوم آزادي تي شهيدن، غازين ۽ سندن عظيم خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان مضبوط هٿن ۾ آهي، قوم کي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان پُراميد رهڻ گهرجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رکي. عبدالعليم خان چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن موجب مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو وچن ڪرڻو پوندو.










