اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آزادي اسان جي بزرگن جي عظيم جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ثمر آهي، يوم آزادي اسان کي قومي يڪجهتي، ملڪي مفاد ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏي ٿي، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن …
توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاران قوم کي يوم آزادي جون مبارڪون
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آزادي اسان جي بزرگن جي عظيم جدوجهد ۽ لازوال قربانين جو ثمر آهي، يوم آزادي اسان کي قومي يڪجهتي، ملڪي مفاد ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏي ٿي، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب هڪ مضبوط، خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير اسان جو قومي عزم آهي. جمعي ڏينهن جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي قوم جي عزم، اتحاد ۽ حوصلي کي نئين سگهه ڏني آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار اهم آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ هر فرد پنهنجي صلاحيتن ۽ توانائين کي قومي خدمت لاءِ استعمال ۾ آڻي ۽ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين منزلن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سردار اويس احمد خان لغاري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هميشه امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي ۽ ملڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائي.










