سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران يوم آزادي تي يادگار پاڪستان تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي يوم آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ يادگار پاڪستان تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين قومي جهنڊي کي سلامي ڏني ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي ۽ ان جو قدر ۽ حفاظت اسان جي …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي يوم آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ يادگار پاڪستان تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين قومي جهنڊي کي سلامي ڏني ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي ۽ ان جو قدر ۽ حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي اتحاد، جمهوري قدر، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ترقي جو بنياد آهن.