اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي موقعو پاڪستان جي تخليق جي لاءِ وڏڙن جي قربانين جي ياد ڏيارڻ جو ڪم ڪري ٿو. جمعي ڏينهن جاري پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته گذريل سال پاڪستان جي لاءِ اهم رهيو، ملڪ اندروني ۽ ٻاهرئين …
آزادي جو ڏهاڙو قربانين، ڪاميابين جي علامت آهي: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي موقعو پاڪستان جي تخليق جي لاءِ وڏڙن جي قربانين جي ياد ڏيارڻ جو ڪم ڪري ٿو. جمعي ڏينهن جاري پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته گذريل سال پاڪستان جي لاءِ اهم رهيو، ملڪ اندروني ۽ ٻاهرئين ٻنهي محاذن تي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته عالمي فورمز تي پاڪستان جي سفارتي سڃاڻپ مضبوط ٿي آهي ۽ ان اڳڀرائي جو سبب حڪومت جون پاليسيون آهن. هن چيو ته سفارتي طور تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي پڻ هٿي ملي آهي ۽ حڪومت جي پاليسين ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن نوجوان طبقي تي زور ڀريو ته ملڪ جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت نوجوان نسل جي لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته نوجوان انهن موقعن مان فائدو کڻندا ۽ قومي ترقي ۾ بامعنى ڪردار ادا ڪندا. اشفاق احمد خليل چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي هڪ پراڻي ذميواري آهي ته اها عوام تائين تصديق ٿيل معلومات جي وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي وڌندڙ ڦهلاءُ جي وچ ۾ ڊيجيٽل دور ۾ اها ذميواري وڌيڪ اهم ٿي وئي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزارت ماڻهن کي معتبر ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.











