يوم آزادي، ايمان، آزادي، قوم جي علامت آهي: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم آزادي رڳو هڪ تاريخ ناهي پر ايمان، آزادي، خودمختياري ۽  قومي عزم جي علامت آهي. پاڪستان جي جشن آزادي جي موقعي تي جمعي ڏينهن هتي ڪنوينشن سينٽر ۾ قومي يوم آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي ڏينهن قوم کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو.  سيد …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم آزادي رڳو هڪ تاريخ ناهي پر ايمان، آزادي، خودمختياري ۽  قومي عزم جي علامت آهي. پاڪستان جي جشن آزادي جي موقعي تي جمعي ڏينهن هتي ڪنوينشن سينٽر ۾ قومي يوم آزادي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هي ڏينهن قوم کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو.  سيد يوسف رضا گيلاني قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان دوران جانيون قربان ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيون. هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج تي فخر آهي. هن چيو ته ملڪ جي دفاع ۾ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم قوت آهن، هن عورتن کي تعليم، صحت جي سارسنڀال، روزگار ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن نوجوانن کي پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ مستقبل قرار ڏنو. هن نوجوانن لاءِ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ تعليم، مهارت ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ قومي اتحاد، قانون جي حڪمراني، ميرٽ ۽ انصاف ضروري آهي. هن چيو ته قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ صنعت، زراعت، روانگي واپار ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چيو ته پائيدار ترقي لاءِ تعليم، صحت جي سارسنڀال، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ به ضروري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان رڳو هڪ زمين جو ٽڪرو ناهي پر هڪ نظريو ۽ قومي عزم آهي. هن زور ڀريو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. هن ڪمزور طبقن جي تحفظ ۽ اقليتن جي حقن جو احترام ڪرڻ تي به زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير پاڪستان جي اتحاد جا رنگ آهن. ملڪ جون مختلف ٻوليون، ثقافتون ۽ روايتون ڪمزوري ناهن پر قومي طاقت آهن. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته قومي مفادن کي ذاتي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون رکيو وڃي. هن ملڪ جي ترقي جي سفر کي جاري رکندي آئين ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي پاڪستان جي استحڪام، خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ دعا سان ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني شاگردن، فنڪارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ تصوير به ڪڍرائي.