اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي پاڪستان جي يوم آزادي جي پُرمسرت موقعي تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي دلي جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي وڏڙن جي بي پناهه قربانين سان حاصل ٿيل آزادي جي نعمت تي فخر ڪريو ٿا ۽ پنهنجي قومي ورثي جو جشن ملهايون ٿا. نجڪاري ڪميشن …
وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي پاران پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار، نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي پاڪستان جي يوم آزادي جي پُرمسرت موقعي تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي دلي جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي وڏڙن جي بي پناهه قربانين سان حاصل ٿيل آزادي جي نعمت تي فخر ڪريو ٿا ۽ پنهنجي قومي ورثي جو جشن ملهايون ٿا. نجڪاري ڪميشن طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان هڪ واضح ويزن ۽ هڪ خوشحال معاشي مستقبل لاءِ نئين عزم سان منتظر آهيون، ڊگهي مدي واري اوسر حاصل ڪرڻ لاءِ، نجڪاري ڪميشن وفاقي حڪومت جي ڪاروبار ۾ حڪومت جي ڪردار کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت هيٺ اقتصادي منظرنامي طرف منتقلي کي تيز ڪرڻ جي ايجندا تي عمل ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ رياست جي شموليت تي نظرثاني ڪرڻ ۽ مضبوط پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروگرام کي سگهه ڏيڻ سان جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. آپريشنل ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهم شعبن ۾ مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان جي مڪمل اقتصادي صلاحيت کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سيڙپڪارن، عالمي حصيدارن ۽ مقامي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل اعتماد ۽ حصيداري لاءِ سندن ٿورائتو آهيان، اسان اهم عوامي شعبن ۾ سڌارن تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ پائيدار ترقي لاءِ نيون راهون کوليون ٿا، گڏيل ويزن، جدت ۽ سلامتي سان گڏجي اسان هڪ مضبوط، وڌيڪ موثر پاڪستان ٺاهينداسين.










