آزادي اسان جي بزرگن جي جدوجهد، قربانين ۽ عزم جو ثمر آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي انهن عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي هڪ آزاد وطن، پاڪستان نصيب ٿيو. هي آزادي اسان جي بزرگن جي جدوجهد، قربانين ۽ عزم جو ثمر آهي. يوم آزادي جي موقعي تي سماجي رابطن …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قوم کي پاڪستان جي يوم آزادي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي انهن عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي هڪ آزاد وطن، پاڪستان نصيب ٿيو. هي آزادي اسان جي بزرگن جي جدوجهد، قربانين ۽ عزم جو ثمر آهي. يوم آزادي جي موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال، ترقي يافته ۽ باوقار ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط کي پنهنجو مشغلو بڻائيندي ملڪي ترقي ۽ استحڪام جي سفر کي اڳتي وڌائينداسين. هن چيو ته اچو ته هن يوم آزادي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪريون ۽ پنهنجي وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪريون.