يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي وطن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيان ٿي:  شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته يوم آزادي جي موقعي تي مان پنهنجي وطن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيان ٿي، اڄ اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي 79هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي ملڪ جي بانين جي بصيرت ۽ قربانين …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته يوم آزادي جي موقعي تي مان پنهنجي وطن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏيان ٿي، اڄ اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي 79هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون. وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي ملڪ جي بانين جي بصيرت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا . هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت کي ساراهيو. هنن جنهن عزم، اعتماد ۽ اتحاد سان پاڪستان جي رهمنائي ڪئي آهي، حق جي ويڙهه ۾ فتح اسان جي قومي جرئت جو مظاهرو ڪيو، جنهن سان پاڪستان جي موقف کي هٿي ملي ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ احترام حاصل ٿيو. اڄ پاڪستان هڪ ٽيڪنالاجي جي صارف کان هٽي ڪري هڪ خالق، جدت طرز ۽ روانگي واپار ڪندڙ ملڪ بڻجڻ کان اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان قومي سطح تي مصنوعي ذهانت جي قدمن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ڊجيٽل ريگوليٽري ماحول کي مضبوط بڻائي رهيا آهيون، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز لاءِ انفرا اسٽرڪچر کي سگهه ڏئي رهيا آهيون ۽ پنهنجي نوجوانن کي ڊجيٽل ۽ هاءِ ٽيڪ مهارتن جي تربيت ڏئي رهيا آهيون. شزه فاطمه خواجه چيو ته اچو ته اسان هن جشن آزاي تي پنهنجي ماضي جو احترام ڪريون، پنهنجي اڳڀرائي کي اڳتي وڌايون ۽ هڪ اهڙي پاڪستان لاءِ ڪم ڪريون جيڪو نه رڳو مستقبل کي اختيار ڪري، پر ان کي تخليق ڪري ۽ ان جي قيادت ڪري.