وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاران پاڪستان جي جشن آزادي تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان جي جشن آزادي تي قوم جي نالي پيغام ۾ سڄي قوم کي پاڪستان جي جشن آزادي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته يوم آزادي اسان کي پنهنجي بزرگن جي عظيم قربانين ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي …

اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان جي جشن آزادي تي قوم جي نالي پيغام ۾ سڄي قوم کي پاڪستان جي جشن آزادي تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته يوم آزادي اسان کي پنهنجي بزرگن جي عظيم قربانين ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي بي مثال قيادت ۽ لکين مسلمانن جي قربانين جو ثمر آهي، هي آزادي علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي. هن چيو ته آزادي جو قدر ڪندي اسان کي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. راڻا مشهود احمد خان وڌيڪ چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل ۽ ملڪي ترقي جو اصل معمار آهن، وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ نظم ضبط جي اصولن تي عمل ڪندي پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو پوندو، پاڪستان جو روشن مستقبل باصلاحيت، تعليم يافته ۽ هنرمند نوجوانن سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته اچو ته آزادي کي نه رڳو ملهايون پر پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ عظيم بڻائڻ جو به وچن ڪريون.