اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ روس جي صدر پاڪستان جي عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس ۽ پاڪستان …
روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ روس جي صدر پاڪستان جي عوام جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڪاميابي سان وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سياسي، واپاري، اقتصادي، انساني همدرديءَ ۽ ٻين شعبن ۾ ڪارائتو تعاون جاري رکيو آهي. صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ گڏيل تعاون جاري آهي. روسي صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي حصيداري جي سمورن شعبن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.











