وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخاق خان اچڪزئي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس نوجوان پٽ …

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق خان اچڪزئي سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هن بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخاق خان اچڪزئي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس نوجوان پٽ ثناءُ الله خان اچڪزئي جي افسوسناڪ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ اچڪزئي خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر ۽ استقامت عطا فرمائي.