اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم پاران موڪليل ڪيترين ئي سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب صدر هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1172 اهلڪارن کي فوجي اعزاز ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، مختلف سول شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين کي قومي اعزاز ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. صدر …
صدر آصف علي زرداري وزيراعظم پاران موڪليل ڪيترين ئي سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم پاران موڪليل ڪيترين ئي سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جمعي ڏينهن جاري بيان موجب صدر هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي 1172 اهلڪارن کي فوجي اعزاز ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي، مختلف سول شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين کي قومي اعزاز ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. صدر 17 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس شام 5 وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس شام 4 وڳي طلب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر آصف علي زرداري آزادي جي ڏهاڙي ۽ عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي اهل قيدين جي سزائن ۾ 100 ڏينهن جي خصوصي معافي جي منظوري پڻ ڏني آهي.











