نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر جي ملاقات

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي …

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي پائيدار امن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته 18 جون تي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي جيئن جو تيئن ۽ ان جي روح موجب عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ان دوران پاڪستان پنهنجي قومي مفادن جو پڻ ڀرپور تحفظ ڪندو. آمريڪي ناظم الامور علائقائي امن ۽  استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وزيراعظم کي پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني.