نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جي ملاقات

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان پنهنجي تازي ملاقات جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو …

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي منيلا ۾ آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ سان پنهنجي تازي ملاقات جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. نائب وزيراعظم چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي ڌرين پاران ان جي روح ۽ متن موجب مڪمل عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته التوا هيٺ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.