اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊارن سان سوئيڊن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي هتي ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت، تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊارن سان سوئيڊن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊارن سان سوئيڊن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي هتي ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت، تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن نامزد سفير کي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ، سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن خاص طور تي پاڪستاني شاگردن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ قونصلر خدمتن جي موثر ۽ وقت سر فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.











