اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ براڊ پيڪ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ جي واقعي جي نتيجي ۾ چيني جبل چاڙهو جي افسوسناڪ موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ميت جي وطن واپسي جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ براڊ پيڪ تي برفاني ڇِپ ڪرڻ جي واقعي جي نتيجي ۾ چيني جبل چاڙهو جي افسوسناڪ موت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ميت جي وطن واپسي جي لاءِ مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ واقعي کانپوءِ پاڪستان پاران فوري مدد ۽ تعاون کي ساراهيو. ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير جيانگ زي ڊونگ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ قيادت کي دلي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ۽ آزمايل لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي تجديد جي عزم جو اظهار ڪيو.











