ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو جي شاهي بازار مان سوناري جي دڪان تان ڏينهن ڏٺي جو لڳل ڌاڙي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦريل سون هٿ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو …
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو مان ڏينهن ڏٺي جو لڳل ڌاڙي جو نوٽيس، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دادو جي شاهي بازار مان سوناري جي دڪان تان ڏينهن ڏٺي جو لڳل ڌاڙي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦريل سون هٿ ڪيو وڃي. هن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو ڪروڙين رپين جو سون ڦر ٿيڻ ۽ جوابدارن جو فرار ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته واپارين جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن پوليس کي شاهي بازار سميت حساس واپاري مرڪزن ۾ سيڪيورٽي گشت وڌيڪ سخت ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وڏي وزير چيو ته شهرين ۽ واپاري برادري ۾ عدم تحفظ پيدا ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. هن ايس ايس پي دادو کي واقعي جي پاڻ نگراني ڪرڻ ۽ اڳڀرائي بابت مسلسل آگاهه رکڻ جي هدايت ڪئي.











