اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي نوجوانن لاءِ پاليسي سازي ۽ ملڪ جي پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي تياريءَ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي تعريفي سَنَد سان نوازيو ويو. آءِ ٽي وزارت موجب قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي تياري ۽ ان جي منظوريءَ ۾ شزه …
پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي تياري، وزيراعظم طرفان وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي تعريفي سَنَد سان نوازيو ويو
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي نوجوانن لاءِ پاليسي سازي ۽ ملڪ جي پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي تياريءَ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي تعريفي سَنَد سان نوازيو ويو. آءِ ٽي وزارت موجب قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي تياري ۽ ان جي منظوريءَ ۾ شزه فاطمه خواجه اهم ڪردار ادا ڪيو. اها پاليسي نوجوانن لاءِ روزگار، هنرمندي ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم قومي قدم آهي. شزه فاطمه خواجه پنهنجي اڳوڻي دؤر ۾ نوجوانن بابت پاليسيءَ جي تياري جو عمل شروع ڪيو هو جنهن کي موجوده حڪومت اڳتي وڌائيندي عملي شڪل ڏني ۽ قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جي منظور ۽ جاري ممڪن بڻائي. سندس اڻٿڪ محنت ۽ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ سندس خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ان ڳالهه جو مظهر آهي ته حڪومت نوجوانن کي ملڪ جي ترقي جو اهم ٿنڀ سمجهي ٿي. قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ جو مقصد نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا وڏا موقعا پيدا ڪرڻ، سندن مهارتن کي مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ کين ملڪي معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي.











