وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان تارڙ جي برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ۾ برطانيه جي ويزن ۾ دير جو معاملو اُٿاريندي حڪومتي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻه طرفن ناتن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ۾ برطانيه جي ويزن ۾ دير جو معاملو اُٿاريندي حڪومتي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻه طرفن ناتن، گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعليمي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته سَوين پاڪستاني شاگرد ويزن ۾ دير سبب پريشانيءَ جو شڪار آهن ۽ دير جي نتيجي ۾ سندن تعليمي سال ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، ان لاءِ پاڪستاني شاگردن لاءِ تعليمي موقعن ۾ رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻُڌايو ته پرڏيهه ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن بابت قانوني ۽ اداره جاتي فريم ورڪ ۾ بهتريءَ لاءِ سندس سربراهيءَ ۾ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪميٽي ان معاملي تي پنهنجون سفارشون به جوڙيون آهن. اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستاني شاگردن جي پرڏيهه ۾ تعليم لاءِ قانوني ۽ اداره جاتي فريم ورڪ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي ڪم جاري آهي ته جيئن کين درپيش ڏُکيائين جو ازالو ڪري سگهجي. هاءِ ڪمشنر پاڪستاني شاگردن جي ويزائن ۾ دير جو معاملو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ پڻ موجود هو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اداره جاتي رابطن ۽ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو.