اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)ربيع الاول 1448هه جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 15 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن جڏهن ته 12 ربيع الاول 26 آگسٽ اربع ڏينهن هوندي. اهو اعلان خميس ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن خميس ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت ۾ اسلام آباد جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جڏهن ته …
ربيع الاول 1448هه جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 15 آگسٽ تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)ربيع الاول 1448هه جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ربيع الاول 15 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن جڏهن ته 12 ربيع الاول 26 آگسٽ اربع ڏينهن هوندي. اهو اعلان خميس ڏينهن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن خميس ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت ۾ اسلام آباد جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ـ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي پنهنجن ماڳن تي ٿيا. سڄي ملڪ مان ملندڙ اطلاعن کي نظر ۾ رکندي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ مان ڪٿان به ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو، ان لاءِ پهرين ربيع الاول ڇنڇر 15 آگسٽ تي ٿيندي. وزارت ربيع الاول جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.










