اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي جڏهن اسان انهن قربانين کي ياد ڪريون ٿا جن جي ڪري پاڪستان جو قيام ممڪن ٿيو. صدر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان …
آزادي رڳو هڪ تاريخي ڪاميابي نه آهي پر هڪ ذميواري به آهي جنهن کي هر نسل کي اڳتي وڌائڻو آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اندرون ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 14 آگسٽ اهو ڏينهن آهي جڏهن اسان انهن قربانين کي ياد ڪريون ٿا جن جي ڪري پاڪستان جو قيام ممڪن ٿيو. صدر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان قائداعظم محمد علي جناح، تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ انهن سمورن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن هڪ آزاد وطن حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجا گهر ۽ روزگار تائين ڇڏي ڏنا. هن چيو ته آزادي رڳو هڪ تاريخي ڪاميابي نه آهي پر هڪ ذميواري به آهي جنهن کي هر نسل کي اڳتي وڌائڻو آهي، عوام جي جمهوري خواهش جي نتيجي ۾ وجود ۾ ايندڙ پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط، محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته اسان جي ذميواري رڳو اهو ياد رکڻ نه آهي ته گذريل نسلن ڇا حاصل ڪيو پر پنهنجي محنت سان ان ۾ وڌيڪ اضافو به ڪرڻو آهي، گذريل سال اسان کي پاڪستاني قوم جي طاقت جو احساس ڏياريو آهي. هن چيو ته معرڪه حق اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي دفاع جي عزم ۽ صلاحيت سان به مالامال آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته طاقت جو اصل سبق ذميواري جو سبق آهي، جيڪو ملڪ پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو ان کي پنهنجي طاقت کي تڪرار کان بچڻ، امن جي تحفظ ۽ پنهنجي عوام جي مفادن جي لاءِ پڻ استعمال ڪڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اڄ اسان کي جيڪو امن ۽ استحڪام هاصل آهي، ان جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي اسان پنهنجي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي گهرڀاتين جي قربانين کي به سلام پيش ڪريون ٿا، انهن جي بهادري ۽ عزم ٻاهرئين جارحيت ۽ دهشتگردي جي خطري کان اسان جي قوم جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستاني قوم انهن جي خدمتن جي دل سان ٿورائتي آهي. صدر چيو ته خطي ۾ ڳالهه ٻولهه جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار به انهي ذميواري جو هڪ اهم مثال آهي، پاڪستان اهڙي وقت ۾ جڏهن وسيع تر تڪرار جا خطي ۽ دنيا تي سنگين اثر پئجي سگهيا پئي، پنهنجي رابطن، جاگرافيائي بيهڪ ۽ سفارتي اثررسوخ کي موثر انداز ۾ استعمال ڪندي ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي، اسان جو يقين آهي ته تڪرار ڀلي ڪيترو ئي سنگين ڇو نه هجي، آخرڪار انهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، اسان جي سلامتي اسان جي پاڙيسري ۽ پوري دنيا جي امن ۽ استحڪام سان ڳنڍيل آهي، پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ، علائقائي استحڪام جي تحفظ ۽ تعاون جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته هي وقت ملڪ جي اندروني معاملن تي ڌيان ڏيڻ ۽ انهن ڪمن تي ڌيان ڏيڻ جو به آهي جيڪي پاڪستان جي مستقبل جو تعين ڪندا، اسان کي پنهنجي معيشت کي مضبوط بڻائڻو پوندو، نوجوانن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، تعليم ۽ هنر کي بهتر بڻائڻو پوندو ۽ گورننس، معيشت ۽ معاشري ۾ سڌارن جي ذريعي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن ترقي ۽ جمهوريت جا ثمر ملڪ جي هر حصي ۽ هر طبقي تائين پهچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي طاقت ان جا نوجوان آهن، سڄي ملڪ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ اهي سائنس، ٽيڪنالاجي، ڪاروبار، تعليم ۽ تخليقي شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، اسان جي ذميواري آهي ته انهن کي اها تعليم، هنر ۽ موقعا فراهم ڪريون جن جي ذريعي اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن، اڄ نوجوانن تي سيڙپڪاري اصل ۾ پاڪستان جي مستقبل تي سيڙپڪاري آهي. صدر چيو ته عام پاڪستانين جي لاءِ قومي ترقي کي عملي بنيادن تي پرکيو وڃي ٿو، ان جو مطلب آهي ته هڪ نوجوان کي پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ جي لاءِ هنر سکڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي، ان جو مطلب آهي ته هڪ خاندان معياري تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ حاصل ڪري سگهي، ان جو مطلب آهي ته آبادگار، مزدور، واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو وڌيڪ اعتماد سان مستقبل جي منصوبابندي ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي طاقت جو اصل اندازو ان ڳالهه سان ٿيندو ته اسان جي قومي ترقي ان جي عوام جي زندگين ۾ ڪيتري بهتري آڻي ٿي. صدر ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو ته انهن جي حقن جي لاءِ جائز جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪريون ٿا، پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن موجب پنهنجي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ان موقعي تي آئون اهو به واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته تاريخي اختلافن جي باوجود اسان سدائين پنهنجي پاڙيسري افغانستان جي قومي خودمختياري جو احترام ۽ حمايت ڪئي آهي ۽ ان کان به اهڙي طرح جي رويي جي اميد رکون ٿا، اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته افغانستان جي موجوده عبوري حڪومت دهشتگرد گروهن جي هڪ مجموعي کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ ۽ پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن جي خلاف حملا ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي ۽ انهن جي حمايت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهو به افسوسناڪ آهي ته افغانستان جا طالبان حڪمران پاڪستاني شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خلاف دهشتگرد حملن ۾ ڀارت سان تعاون ڪري رهيا آهن، اهي ائين پاڪستان جي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهن، جن کي پوري دنيا تسليم ڪري ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته انهن کي خبردار ڪريان ٿو ته پاڪستاني عوام جي خلاف اهي شرپسند ڪارروايون بند ڪن ۽ سڀني کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪڌي ارادن کي شڪست ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته هن آزادي جي ڏهاڙي تي آئون سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي جنهن به شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعالى پاڪستان جي حفاظت فرمائي، اسان جي عوام کي امن ۽ خوشحالي عطا ڪري، اسان جي ملڪ کي مضبوط بڻائي ۽ بهتر مستقبل طرف اسان جي رهنمائي فرمائي.










