اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مبدراڻي ۽ بصيرت افروز قيادت، اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي اڻٿڪ عزم ۽ الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان آزاد وطن جي خواب جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي مبدراڻي ۽ بصيرت افروز قيادت، اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي اڻٿڪ عزم ۽ الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان آزاد وطن جي خواب جي تعبير ٿي، پاڪستان آزمائشن جي باوجود شاندار مستقبل طرف گامزن آهي، اسان جا باصلاحيت نوجوان، هنرمند افرادي قوت، بهترين پيشيور ماهر، محنتي آبادگار ۽ پورهيت ملڪ ۽ قوم جي شاندار مستقبل جا ضامن آهن، حڪومت گذريل اڍائي سالن ۾ مشڪل مرحلا عبور ڪري مستحڪم معيشت جو هدف حاصل ڪيو آهي، اسان جي بهادر فوج هر مشڪل ۾ دشمن جي هر وار جي جواب ۾ ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو ثابت ڪيو آهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه مڪرمه ۾ طئي ٿيندڙ دفاعي معاهدو خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ ڪردار ۽ اڀرندڙ قوت جو مظهر آهي، اچو پنهنجي قومي عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان هڪ جان ٿي پاڪستان سرزمين جي ترقي ۽ خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۽ گڏيل هم آهنگي جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪنداسين ۽ متحد ٿي ملڪي سالميت، قومي مفادن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ تعميري ڪم ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران آزادي جي ڏهاڙي 14 آگسٽ 2026ع تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ جي آزادي جا 79 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي جي موقعي تي سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، الله تعالى جو شڪر آهي اسان کي مملڪت خداد جي صورت ۾ آزادي جهڙي نعمت سان نوازيو، اها ڳالهه اسان جي لاءِ عزت ۽ فخر جوڳي آهي ته آزادي جي جدوجهد ۾ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، مفڪر پاڪستان ۽ شاعر مشرق علامه محمد اقبال ۽ ڪيترائي عظيم ۽ بي مثل اڳواڻ شامل هئا، اڄ اسان قوم جي حيثيت سان آزادي جي قائدين، ڪارڪنن ۽ بزرگن کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي مدبراڻي ۽ بصيرت افروز قيادت، اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين، تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي اڻٿڪ عزم ۽ الله تعالى جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم جي ڪري آزاد وطن جو خواب پورو ٿيو، تحريڪ آزادي جي سمورن اڳواڻن جي ولولا انگيز سياسي جدوجهد هند جي مسلمانن کي آزاد وطن جي نصب العين تي متحد ڪيو، اسان جي بزرگن لازوال قربانيون، صعوبتون ۽ تڪليفن جا دستان لکيا ۽ آزادي جي جدوجهد ڪاميابي سان همڪنار ڪئي. وزيراعظم چيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي اسان کي اهڙي سرزمين ملي جتي اسان آزاد قوم جي حيثيت سان عزت ۽ وقار ۽ دين ۽ تهذيبي قدرن موجب زندگي گذاري سگهون، پاڪستان سرزمين اسلامي تعليم ۽ باباءِ قوم جي نظرين جي تابع سمورن شهرين جي لاءِ بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي فرق جي مڪمل آزادي جي ضمانت آهي. پاڪستان جو آئين ۽ قانون سمورن شهرين جي حقن جو ضامن آهي، آزاد مملڪت جي ترقي ۽ خوشحالي جو اهو سفر الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان آزمائشن جي باوجود شاندار مستقبل طرف گامزن آهي. وزيراعظم چيو ته اهل وطن گذريل سمورين مشڪلاتن جي باوجود زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جي ڪري ڪاميابيون سهيڙيون، وطن جي دفاع، معيشت، صنعت، عدليه، ميڊيا، راندين، تعليم ۽ هنر، عالم، دانشور، استاد، سائنسدان، زراعت ۽ پوکيءَ ۽ بشمول موجوده دور جي جديد شعبن ۾ پاڪستاني مرد ۽ عورتن پنهنجي ڪوششن سان عزمت ۽ همت جا باب لکيا، اسان جا باصلاحيت نوجوان، هنرمند افرادي قوت، بهترين پيشيور ۽ ماهر، محنتي آبادگار ۽ پورهيت ملڪ ۽ قوم جي شاندار مستقبل جا ضامن آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گذريل اڍائي سالن ۾ انتهائي مشڪل مرحلا عبور ڪري مستحڪم معيشت جو هدف حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي ترقي يافته معيشت جي منزل طرف ڪاميابي سان گامزن آهي، گذريل ٻن سالن دوران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو جيڪو حڪومتي پاليسين تي اوورسيز پاڪستانين جي مسلسل اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم چيو ته جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ليس، جدت سان ليس پائيدار صنعتي ۽ زرعي ترقي، عوامي ڀلائي جا منصوبا، روزگار جا موقعا، عالمي معيار جي تعليم ۽ هنر جو نظام اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر فوج هر مشڪل ۾ دشمن جي هر وار جي جواب ۾ ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو ثابت ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي بهادر فوج تي فخر ڪري ٿو، معرڪه حق ۾ هٿياربند فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ اتحاد، عزم ۽ بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي دفاع ۽ سربلنديءَ جي نئين تاريخ لکي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۽ پاڻي وسيلن سميت قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندو، اڄ پاڪستان عالمي دنيا ۾ هڪ مضبوط، پُرعزم، باوقار ۽ امن جي مضبوط آواز جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته خطي جي مشڪل ۽ چئلينجنگ علائقائي صورتحال ۾ پاڪستان هڪ ذميوار ۽ خطي ۾ استحڪام جو ضامن ملڪ بڻجي اڀريو آهي جيڪو امن، استحڪا ۽ علائقائي تعاون جي فروغ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه مڪرمه ۾ طئي ٿيندڙ گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ ڪردار ۽ اڀرندڙ قوت جو اهم مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم فلسطيني عوام ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ضمانت ڄمون ۽ ڪشمير جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب عالمي قانونن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب سفارتي حل ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته آزادي جي ڏهاڙي تي قوم پنهنجي سمورن شهيدن کي پڻ دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جن ملڪ جي لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، پوري قوم بهادر فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دلير جوانن، غازين ۽ سمورن شهيدن جي مقروض آهي جن قوم جي مستقبل جي خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اچو اڄ جي ڏينهن پنهنجي قومي عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان هڪ جان ٿي پاڪستان سرزمين جي ترقي ۽ خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۽ گڏيل هم آهنگي جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪنداسين، اڄ آئون پوري قوم بشمول سمورن طبقن ۽ سياسي پارٽين کي پرخلوص آڇ ڪريان ٿو ته اچو متحد ٿي ملڪي سالميت، قومي مفادن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ تعميري ڪم ڪريون، الله تعالى پاڪستان کي دنيا ۾ عزت ۽ وقار جي علامت بڻائي ۽ ڪاميابين تي ٻڌل روشن مستقبل نصيب فرمائي.










