اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه قوم کي پاڪستان جي 79هين يومِ آزاديءَ جي موقعي تي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان جي وڏڙن جي بي مثال جدوجهد، لازوال قربانين، عزم ۽ استقامت جو ثمر آهي. يومِ آزادي اسان کي ان عهد جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، جمهوري استحڪام …
پاڪستان اسان جي وڏڙن جي بي مثال جدوجهد، لازوال قربانين، عزم ۽ استقامت جو ثمر آهي: سيد غلام مصطفيٰ شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه قوم کي پاڪستان جي 79هين يومِ آزاديءَ جي موقعي تي واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان جي وڏڙن جي بي مثال جدوجهد، لازوال قربانين، عزم ۽ استقامت جو ثمر آهي. يومِ آزادي اسان کي ان عهد جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري، جمهوري استحڪام ۽ معاشي ترقي لاءِ متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. يومِ آزاديءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي فڪر اسان لاءِ مشعل راهه آهي. سندن اصولن ۽ تعليمات جي روشنيءَ ۾ اهڙو پاڪستان جوڙڻ اسان جي قومي ذميداري آهي، جتي آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمهوري قدرن، سماجي انصاف، مساوات ۽ شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر پاڪستان جي بانين، آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻن، عورتن، نوجوانن، بزرگن ۽ عوام جي عظيم جدوجهد ۽ لازوال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد جو نتيجو آهي جنهن ۾ معاشري جي هر طبقي پنهنجي طاقت آهر ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي بانين ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون خدمتون ۽ قربانيون، اسان جي قومي تاريخ جو قيمتي اثاثو آهن، جنهن کي قوم هميشه قدر ۽ احترام سان ياد رکندي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قومي اتحاد، گڏيل احترام، سياسي برداشت ۽ اجتماعي ذميداريءَ جي جذبي کي هٿي ڏيڻ سان ئي پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو اثرائتو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي قربانين کي پوري قوم خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون اسان جي قومي عزم ۽ حب الوطني جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون ۽ قوم پنهنجن محسنن جي قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿي سگهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام، آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، عوامي فلاح ۽ قومي يڪجهتيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور انداز ۾ ادا ڪندي رهندي. ان موقعي تي ڊپٽي اسيپڪر ڪشميري ۽ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ جاري جدوجهد ۽ سندن لازوال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. سيد غلام مصطفيٰ شاهه الله تعاليٰ کان پاڪستان کي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائڻ، پاڪستاني قوم کي اتحاد، اتفاق ۽ اخلاص سان وطنِ عزيز جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائڻ جي دُعا ڪئي. هن پاڪستان جي بانين ۽ آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ لازوال قربانيون پيش ڪندڙ شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.










