پ پ جي سياست هميشه عوام لاءِ ۽ عوام ۾ رهي آهي، اسان کي حڪومت هلائڻ لاءِ ڪنهن کان به سياسي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪز اقتدار نه پر عوام آهي. سنڌ حڪومت جو عوامي خدمت جو سفر ڪنهن به سياسي دٻاءُ يا پروپيگنڊا سان نه رُڪبو. جيڪي عوام ۾ وڃڻ کان ڊڄن ٿا اهي سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا ذريعي سياست ڪن ٿا. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ …

ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪز اقتدار نه پر عوام آهي. سنڌ حڪومت جو عوامي خدمت جو سفر ڪنهن به سياسي دٻاءُ يا پروپيگنڊا سان نه رُڪبو. جيڪي عوام ۾ وڃڻ کان ڊڄن ٿا اهي سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا ذريعي سياست ڪن ٿا. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست هميشه عوام لاءِ ۽ عوام ۾ رهي آهي. اسان کي حڪومت هلائڻ لاءِ ڪنهن کان به سياسي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. اسان جو سرٽيفڪيٽ سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ آهي. سنڌ حڪومت عوامي مينڊيٽ جي محافظ آهي. هن چيو ته مخالفن کي پنهنجي ناڪامين جو الزام پيپلز پارٽي تي لڳائڻ بدران، پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي. اسان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمت ذريعي سياسي الزامن ۽ پروپيگنڊا جو جواب ڏيندا رهنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي عوام ھر ڀيري پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪيو آهي، ۽ سنڌ حڪومت ڪارڪردگي ذريعي اُن اعتماد کي سگھارو بڻائي رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي نفرت، تقسيم ۽ الزام تراشي بدران عوامي خدمت، جمهوريت ۽ ترقي جي سياست تي يقين رکي ٿي.