پشاور-13 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي قومي جذبي ۽ حب الوطني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شاڪر آفريدي کي گورنر هائوس پشاور گهرايو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب شاڪر آفريدي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي ٻڌايو ته هن هڪ لک 26 هزار چورس فٽن تي ٻڌل دنيا جو سڀ کان وڏو قومي جهنڊو تيار ڪيو، …
فيصل ڪريم ڪنڊي سان هڪ لک 86 هزار چورس فوٽ تي ٻڌل قومي جهنڊو تيار ڪندڙ شاڪر آفريدي جي ملاقات
پشاور-13 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي قومي جذبي ۽ حب الوطني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ شاڪر آفريدي کي گورنر هائوس پشاور گهرايو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب شاڪر آفريدي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي ٻڌايو ته هن هڪ لک 26 هزار چورس فٽن تي ٻڌل دنيا جو سڀ کان وڏو قومي جهنڊو تيار ڪيو، جڏهن ته 2021ع ۾ هڪ جبل تي 450 فوٽ ڊگهو ۽ 350 فوٽ ويڪرو قومي جهنڊو به ٺاهيو هو. گورنر شاڪر آفريدي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا باصلاحيت ۽ محب وطن ماڻهو قوم جو سرمايو آهن. هن شاڪر آفريدي کي خصوصي شيلڊ پيش ڪندي چيو ته شاڪر آفريدي جو نالو گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. شاڪر آفريدي، گورنر جو ٿورو مڃيندي چيو ته هو مستقبل ۾ به قومي يڪجهتي، حب الوطني ۽ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.












