لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان جي 79 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب منعقد

لاڙڪاڻو-13 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان جي 79 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب ۾ ٻارڙن پاڪستان سان محبت، قومي يڪجهتي ۽ آزاديءَ جي جذبي جو اظهار ڪندي شاندار ٽيبلو، تقريرون ۽ ٻيون تخليقي شيون پيش ڪيون، جن کي شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور داد ۽ همٿ افزائي ڏني وئي، جڏهن …

لاڙڪاڻو-13 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان جي 79 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي حوالي سان شهر جي بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب ۾ ٻارڙن پاڪستان سان محبت، قومي يڪجهتي ۽ آزاديءَ جي جذبي جو اظهار ڪندي شاندار ٽيبلو، تقريرون ۽ ٻيون تخليقي شيون پيش ڪيون، جن کي شرڪت ڪندڙن پاران ڀرپور داد ۽ همٿ افزائي ڏني وئي، جڏهن ته ٻارڙن پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي اهو پيغام ڏنو ته معذوري ڪنهن به صورت ۾ صلاحيتن، خوابن ۽ قومي خدمت جي جذبي ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي. تقريب ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ميئر لاڙڪاڻو محمد امين شيخ، اسپيشل اسسٽنٽ ٽو چيف منسٽر سنڌ خير محمد شيخ، ريجنل هيڊ زاهده غوث ڪاڪيپوٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد احمد جتوئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اڪبر کوکر، رياض حسين عباسي، الطاف ٿيٻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن تقريب ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪيو وڃي، جتي هر فرد پنهنجي صلاحيتن مطابق اڳتي وڌي سگهي ۽ ڪنهن به قسم جي معذوري سندس حقن، عزت ۽ موقعن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعا ڪئي وئي.