اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري ۽ ڪجهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏني. صدر سنڌ …
صدر مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري ۽ ڪجهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري ۽ ڪجهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏني. صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه ايڊيشنل ججن جي مستقل ججن طور توثيق جي به منظوري ڏني. هن سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن، الائونسز ۽ پينشن کي وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي موڪلن، پينشن ۽ مراعات بابت 1997ع جي حڪم ۾ ترميمن جي به منظوري ڏني. صدر هارون اختر کي وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت صلاحڪار طور مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني.










