اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 14هين ڏکڻ ايشيائي راندين جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اڱاري ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان مارچ 2027ع ۾ انهن راندين جي ميزباني ڪندو. نائب وزيراعظم راندين جي اهم معاملن جي نگراني لاءِ ذيلي ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جن ۾ مالي معاملا، انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 14هين ڏکڻ ايشيائي راندين جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 14هين ڏکڻ ايشيائي راندين جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اڱاري ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان مارچ 2027ع ۾ انهن راندين جي ميزباني ڪندو. نائب وزيراعظم راندين جي اهم معاملن جي نگراني لاءِ ذيلي ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جن ۾ مالي معاملا، انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ اپ گريڊيشن، رانديگرن جي تربيت ۽ تياري ۽ لاجسٽڪ انتظام شامل آهن. هن بروقت منصوبابندي ۽ سڀني لاڳاپيل ڌُرين جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪستان انهن راندين جي بهتريم معيار مُوجب ميزباني کي يقيني بڻائي سگهي. هن چيو ته 14هين ڏکڻ ايشيائي رانديون پاڪستان کي پنهنجي راندين جي صلاحيت، مهمان نوازي ۽ انتظامي صلاحيتن کي دنيا جي سامهُون اُجاگر ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪن ٿيون. هن موقعي وسيلي دنيا کي امن، دوستي، خير سگالي ۽ هم آهنگي جو پيغام پڻ ڏئي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن جي صدر عارف سعيد، سيڪريٽري بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ، ناڻي واري وزارت جي عملدارن ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.








