اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج وزيراعظم کي تاريخي مڪه گڏيل معاهدي تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن …
وزيراعظم سان دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج وزيراعظم کي تاريخي مڪه گڏيل معاهدي تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










