اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گذريل رات بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب بحرين جي پرڏيهي وزير پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ٽيليفون

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي گذريل رات بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب بحرين جي پرڏيهي وزير پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن تي نائب وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊاڪٽر الزياني جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جي آجيان ڪندي سندس نيڪ جذبن تي ٿورا ادا ڪيا. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











