پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سمورن مذهبن کي مڃيندڙن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو: قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته  پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سمورن مذهبن کي مڃيندڙن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ مذهبي آزادي ئي مضبوط پرامن ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آهي. هن  چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته  پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سمورن مذهبن کي مڃيندڙن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته رواداري، گڏيل احترام ۽ مذهبي آزادي ئي مضبوط پرامن ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آهي. هن  چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ پاڪستان جي آئين جي روح مطابق اهڙو معاشرو جوڙڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي جتي سمورا شهري بنا ڪنهن مذهب، رنگ ۽ نسل مذهبي آزادي سان گڏ پنهنجي زندگي گذاري سگهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، برابري جي موقعن جي فراهمي ۽ بين المذهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ  لاءِ پنهنجو  ڪردار  ڀرپور انداز ۾ ادا ڪندي  رهندي.

مزید خبریں