صدر آصف علي زرداري پاران گڏيل قومن سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور

اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي، غربت جي خاتمي، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى …

اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن سان پاڪستان جي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلي، غربت جي خاتمي، تعليم ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحى سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان الوداعي ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سان پنهنجي ويجهي ۽ گهڻ رخي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ قومي ترقي جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. صدر پوليو جي خاتمي جي پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ گڏيل قومن جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن بينظير واڌويجهه پروگرام سميت ماءُ، نئين ڄاول ٻار ۽ ٻارن جي صحت ۽ غذائيت جي خدمتن جي لاءِ گڏيل قومن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. صدر عالمي انساني امداد کي ٺوس بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي بابت وڏي پئماني تي ايندڙ آفتن دوران پاڪستان جي معاونت ۾ گڏيل قومن جي اداري اوچا جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان اوچا سان مسلسل تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪو قومي نظامن جي معاونت ۽ حڪومت جي قيادت ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي ردعمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۾ مددگار آهي. صدر چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جي لاءِ پُرعزم آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم جاري رکندو. هن ليونگ انڊس انيشي ايٽو ۽ ري چارج پاڪستان سميت مختلف قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومون ترقياتي ۽ موسمياتي مالي معاونت جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي تعاون جي فريم ورڪ 27 – 2023ع تحت وڌيڪ اڳڀرائي جاري رهندي. محمد يحى صدر کي ٻڌايو ته کيس گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (اوچا) ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته هو سيپٽمبر 2026ع تائين پنهنجون ذميواريون سنڀالي وٺندو. صدر آصف علي زرداري کيس نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس پاڪستان پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

مزید خبریں