اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جي ايس پي پلس جو درجو پاڪستان لاءِ زبردست موقعو آهي، پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني کي اهميت ڏي ٿو، جڏهن ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ۽ اداره جاتي سڌارا جاري آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن يورپي يونين جي سفير رائمونڊاس ڪاروبلس …
جي ايس پي پلس جو درجو پاڪستان لاءِ زبردست موقعو آهي، پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني کي اهميت ڏي ٿو: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جي ايس پي پلس جو درجو پاڪستان لاءِ زبردست موقعو آهي، پاڪستان انساني حقن جي تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني کي اهميت ڏي ٿو، جڏهن ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ۽ اداره جاتي سڌارا جاري آهن. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن يورپي يونين جي سفير رائمونڊاس ڪاروبلس سان موجود وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن، جي ايس پي پلس، انساني حقن بابت تجويزن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين انساني حقن جي قومي ايڪشن پلان 2026ع تي عملدرآمد، انساني حقن جي ادارن جي صلاحيت ۽ موثر فعاليت بهتر بڻائڻ جي قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير يورپي يونين جي وفد کي ٻارن جي حقن ۽ تحفظ بابت حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته چائلڊ ليبر، چائلڊ ميريج ۽ اقليتن جي حقن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته اقليتن بابت قومي ڪميشن کي به جلد فعال ڪيو پيو وڃي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ٻارن تي تشدد، ريپ ڪيسز ۽ صنفي امتياز جي خاتمي لاءِ حڪومت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. انساني حقن جي معاهدن تي رپورٽنگ ۽ فالواپ ميڪنزم بابت معاملا به ملاقات ۾ بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏجي جمهوري قدرن ۽ انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، انساني حقن ۽ جمهوري قدن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جو تعاون انتهائي اهم آهي. هن جي ايس پي پلس ترجيحن تي وڌيڪ موثر اڳڀرائي جي عزم جو اظهار ڪيو. يورپي يونين جي سفير رائمونڊاس ڪاروبلس انساني حقن بابت شقن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي ساراهيو، ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.









