اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس مختلف شعبن ۾ تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گڏيل رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊزينس ماروز، جيڪو هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران مختلف شعبن ۾ تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گڏيل رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس مختلف شعبن ۾ تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گڏيل رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊزينس ماروز، جيڪو هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيلاروس جي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2024ع ۾ صدر لوڪاشينڪو جي اسلام آباد جي دوري ۽ اپريل 2025ع ۾ پنهنجي بيلاروس جي دوري کي خوشگوار انداز ۾ ياد ڪيو، جن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وزيراعظم اسلام آباد ۾ منعقد گڏيل وزارتي ڪميشن جي نائين اجلاس دوران ٿيندڙ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي طرفن کان واپار، صنعت، زراعت، بئنڪاري، افرادي قوت، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي ڌرين ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس جا نتيجا ٻنهي ملڪن جي لاءِ عملي فائدن جو سبب بڻجندا ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. بيلاروس جي توانائي واري وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ بيلاروس جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن وزيراعظم کي گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ سمورن شعبن ۾ تعاون کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گڏيل رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو.








