اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي ۾ پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي سلسلي ۾ تقريب منعقد

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي ۾ پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي انٽر بورڊ ڪراچي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اي مارڪنگ ليب جو پڻ باقاعده افتتاح ڪيو ويو. تقريب جو خاص مهمان يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز سنڌ جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو هو. تقريب ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي …

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي ۾ پاڪستان جي 79هين يومِ آزادي جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي انٽر بورڊ ڪراچي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اي مارڪنگ ليب جو پڻ باقاعده افتتاح ڪيو ويو. تقريب جو خاص مهمان يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز سنڌ جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو هو. تقريب ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين، چيئرمين سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي پروفيسر مشرف علي راجپوت، ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ سينٽرل طحٰه سليم، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جو ايڊيشنل سيڪريٽري اصغر گهانگھرو ۽ سيڪشن آفيسر دائود شاهه خاص طور شرڪت ڪئي. سيڪريٽري انٽر بورڊ ڪراچي محمد ڪاشف صديقي، ناظم امتحانات زرينا راشد سميت بورڊ جا آفيسر ۽ ملازم پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا. تقريب جي نظامت جا فرض ناظم امتحانات زرينا راشد انجام ڏنا. تقريب جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. محمد اسماعيل راهو اسٽيٽ آف دي آرٽ اي مارڪنگ ليب جو افتتاح ڪيو ۽ مختلف شعبن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي کيس اي مارڪنگ جي نظام، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، امتحاني پرچن جي ڊجيٽل مارڪنگ ۽ امتحاني عمل کي شفاف ۽ مؤثر بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پنهنجي خطاب ۾ محمد اسماعيل راهو چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ملڪ جي دفاع، سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏئي رهيون آهن، پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا سرفهرست آهن. سنڌ جي تعليمي بورڊن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندي ڊجيٽلائيزيشن، اي مارڪنگ ۽ آٽوميشن ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون. محمد اسماعيل راهو چيو ته پهريون ڀيرو سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جولاءِ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جا نتيجا جاري ڪيا، جڏهن ته امتحاني فارم جمع ڪرائڻ کان وٺي سرٽيفڪيٽن جي جاري ٿيڻ تائين سمورن مرحلن کي وڌيڪ آسان، شفاف ۽ مؤثر بڻايو پيو وڃي. هن چيئرمين فقير محمد لاکو ۽ انٽر بورڊ ڪراچي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. چيئرمين اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي فقير محمد لاکو چيو ته پاڪستان جي آزادي ۽ سلامتي اسان جي هٿياربند فوجن جي لازوال قربانين جي ڪري آهي. پوري قوم وطن عزيز جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته انٽر بورڊ ڪراچي ۾ اي مارڪنگ ليب جو قيام امتحاني نظام ۾ شفافيت، تيزي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. وائيس چانسلر دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. اي مارڪنگ جهڙي جديد نظام سان نه رڳو امتحاني عمل وڌيڪ مؤثر ٿيندو، پر شاگردن جي نتيجن ۾ شفافيت ۽ اعتماد پڻ وڌندو. ڊپٽي ڪمشنر ڊسٽرڪٽ سينٽرل طحٰه سليم چيو ته يومِ آزادي جي موقعي تي جديد اي مارڪنگ ليب جو افتتاح هڪ خوش آئند قدم آهي. تعليمي نظام ۾ جدت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو فروغ ملڪ جي روشن مستقبل جو بنياد آهي. چيئرمين سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن پروفيسر مشرف علي راجپوت چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. اي مارڪنگ ۽ آٽوميشن سان امتحاني نظام ۾ شفافيت، رفتار ۽ معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.

مزید خبریں