آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي انتظام هيٺ يومِ آزادي جي مناسبت سان بولٽن مارڪيٽ ڪراچي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي انتظام هيٺ يومِ آزادي جي مناسبت سان بولٽن مارڪيٽ ڪراچي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان صنعت ۽ واپار وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو هو. ان موقعي تي واپاري برادري ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. انجمن تاجران سنڌ جي صدر جاويد قريشي خاص مهمان ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار …

ڪراچي- 12 آگسٽ (اي پي پي) آل پاڪستان انجمن تاجران سنڌ جي انتظام هيٺ يومِ آزادي جي مناسبت سان بولٽن مارڪيٽ ڪراچي ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان صنعت ۽ واپار وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو هو. ان موقعي تي واپاري برادري ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. انجمن تاجران سنڌ جي صدر جاويد قريشي خاص مهمان ۽ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. تقريب دوران قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته پاڪستان لکين مسلمانن جي جدوجهد، قربانين ۽ لازوال عزم جو ثمر آهي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي مسلمانن پڻ پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ نمايان ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ اسيمبليءَ پاران 3 مارچ 1943ع تي تاريخي قرارداد پاڪستان جي منظوري جو فيصلو ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. اها قرارداد سنڌ جي مسلمانن جي پاڪستان جي قيام لاءِ واضح حمايت جو مظهر هئي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته يومِ آزادي اسان کي پنهنجي بزرگن جي قربانين کي ياد ڪرڻ سان گڏ اهو عهد ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو ته اسين پاڪستان جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. قائداعظم جي اصولن  اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط  کي اختيار ڪري ئي اسين هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ڪري سگهون ٿا. هن واپاري برادري کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت سندن ساٿ ۾ آهي.

مزید خبریں