اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوراب، بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران زخمي ٿيندڙ ٻن بهادر جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري …
صدر آصف علي زرداري پاران سوراب ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سوراب، بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ۽ بلوچستان پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران زخمي ٿيندڙ ٻن بهادر جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري سوراب ۾ دهشتگردن جي بارودي مواد جي ڌماڪي سان ڀرپاسي جي شهرين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف ڪارروايون جاري رکيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان مان غيرملڪي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قوم پُرعزم آهي.









