ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان بيلاروس جي توانائي واري وزير جي ملاقات

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان جمهوريه بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊينس موروز اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير بيلاروس جي وفد جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان جمهوريه بيلاروس جي توانائي واري وزير ڊينس موروز اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن اقتصادي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير بيلاروس جي وفد جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن رابطن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اقتصادي تعاون جي وڌندڙ دائري ڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ واپاري رابطن ۽ سيڙپڪاري جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ضروري آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مشاورت جو عمل وڌيڪ وڌائڻ گهرجي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ صنعتي تعاون، زراعت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي وسيع ايجنڊا تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلاروس جي وفد انهن شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ جاري رابطن کي ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ بيلاروس جي عملدارن سان ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيلاروس جي توانائي واري وزير ، ناڻي واري وزير طرفان تعاون کي ساراهيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل رابطا ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں