اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ربيع الاول 1448هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ (خميس ڏينهن) طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد اسلام آباد جي زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽينن جا اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن …
ربيع الاول 1448هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) خميس تي طلب

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) ربيع الاول 1448هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ (خميس ڏينهن) طلب ڪيو ويو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد اسلام آباد جي زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽينن جا اجلاس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا. چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ربيع الاول 1448هجري جي چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان اطلاع ڏئي سگهجي ٿو. سڄي ملڪ مان موصول ٿيندڙ اطلاعن کي نظر ۾ رکندي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا محمد عبدالخبير آزاد ربيع الاول 1448هجري جي چنڊ جو اعلان ڪندو.











