وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پاران پورٽ قاسم ۾ 150 ايڪڙ زمين تي آٽو موٽيو پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ 150 ايڪڙ زمين تي آٽو موٽيو پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي سهولت کي مارڪيٽ جي گهُرج موجب مرحليوار سگهه ڏني ويندي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اهو فيصلو اربع ڏينهن هڪ اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين ريئر …

اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ 150 ايڪڙ زمين تي آٽو موٽيو پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي سهولت کي مارڪيٽ جي گهُرج موجب مرحليوار سگهه ڏني ويندي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب اهو فيصلو اربع ڏينهن هڪ اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) سيد معظم الياس ۽ پي ڪيو اي بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پهرين مرحلي جي پڄاڻي کانپوءِ آٽو زون کي وڌيڪ مرحلن ۾ وڌايو ويندو، جنهن سان ان منصوبي کي مارڪيٽ جي گهرج موجب وڌائڻ ۾ مدد ملندي. تجويز ڪيل زون 5 خاص شعبن تي ٻڌل 264 آپريشنل يونٽس تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ 30 ڪمرشل يونٽس، 84 ري فزشمنٽ (مرمت ۽ تجديد) ورڪشاپس، 60 ڪار ڊسپلي يونٽس، 20 مشينري يارڊز ۽ 70 آٽو اسپيئر پارٽس يونٽس شامل آهن. منصوبي جي تصور موجب اها سهولت پورٽ قاسم انڊسٽريل ڪوريڊور اندر تيار ڪئي ويندي جنهن سان بندرگاهه تائين سڌي ريت پهچ ممڪن ٿيندي ۽ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ گاڏين لاءِ ملڪ اندر لاجسٽڪس جون ضرورتون گهٽجي وينديون. ان ڄاڻايل سهولت جو مقصد گاڏين جي امپورٽ، ري فزشمنٽ، ڊسپلي ۽ ايڪسپورٽ لاءِ هڪ جامع پليٽ فارم جوڙڻ آهي. هي منصوبو آٽو موٽيو سيڪٽر لاءِ پاڪستان جي پهرين مخصوص امپورٽ- ري فزشمنٽ – امپورٽ (اي آءِ آر اي) فريم ورڪ جو تصور پيش ڪري ٿو. پورٽ قاسم جي اسٽريٽجڪ بيهڪ کي ان منصوبي لاءِ هڪ اهم فائدو قرار ڏنو ويو آهي. هي بندرگاهه گاڏين جي واپار لاءِ پاڪستان جي اهم ترين مرڪزن مان هڪ آهي ۽ ملڪ جي سامونڊي واپار جو هڪ وڏو حصو هتان کان ئي سرانجام ڏنو ويندو آهي. منصوبي جي حامين جو ڪاٿو آهي ته اي آءِ آر اي پارڪ اٽڪل 500 ملين ڊالرن جي ايڪسپورٽ جي بنياد تي ساليانو اٽڪل 200 ملين ڊالرن جو خاص پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. اميد آهي ته اها سهولت واپاري سرگرمين، ري فزشمنٽ جي سهولت، مشينري يارڊز، گاڏين جي ڊسپلي ۽ اسپيئر پارٽس فراهم ڪندڙن کي بندرگاهه تي ٻڌل هڪ ئي ايڪو سسٽم ۾ گڏ ڪري آٽوموٽيو ڪاروبار کي هٿي ڏيندي. ڄاڻايل زون عربي سمنڊ جي ان شپنگ ڪوريڊور سان واقع هوندو جيڪو ڏکڻ ايشيا کي نار خطي ۽ اوڀر آفريقا سان ملائي ٿو جنهن سان امڪاني طور تي گاڏين جي علائقائي واپار ۾ آساني پيدا ٿيندي. پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) سعيد معظم الياس چيو ته مرحليوار طريقيڪار جي منصوبي کي مارڪيٽ جي طلب موجب سگهه ڏيڻ جي سهولت ڏيندو ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ اهڙي طرح جي آٽو موٽيو زونز جي قيام لاءِ هڪ نمونو فراهم ڪري سگهي ٿو.

مزید خبریں