اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تشدد جي سياست پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پرامن احتجاج تي يقين نه ٿي رکي، ان جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي تباهه ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي جو رستو روڪڻ آهي، راولپنڊي فائرنگ واقعي پي ٽي آءِ جي ڪڌي ايجنڊا ۽ …
تشدد جي سياست پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪي آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تشدد جي سياست پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪي آهي، پي ٽي آءِ پرامن احتجاج تي يقين نه ٿي رکي، ان جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي تباهه ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي جو رستو روڪڻ آهي، راولپنڊي فائرنگ واقعي پي ٽي آءِ جي ڪڌي ايجنڊا ۽ ارادا سڀني سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن راولپنڊي مال روڊ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن جي فائرنگ جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي مال روڊ تي پيش ايندڙ واقعو مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته تشدد جي سياست ڪرڻ ۽ هٿيارن سان ليس ٿي اچڻ پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪو آهي، راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن پاران سيڪيورٽي اهلڪار تي فائرنگ جو ڪو جواز نه هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ جي ڪال به ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جي ماضي جا سمورا احتجاج رڪارڊ تي آهن جن ۾ ڪارڪن هٿيارن سان ليس آيا ۽ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پرامن احتجاج تي يقين نه ٿي رکي، اڄ جي واقعي سان ان جا مقصد ۽ ارادا پوري قوم جي سماهون اچي ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي مال روڊ تي ڏينهن ڏٺي هٿياربند ٿي فائرنگ جو واقعو تشدد جي سياست جو واضح مثال آهي. تشدد پي ٽي آءِ جو نظريو آهي جيڪا سياست تي يقين رکي ٿي، انهن جو ڪو هڪ احتجاج به پرامن ناهي رهيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي واقعي سان ڪيتريون ئي اهم حقيقتون سامهون آيون آهن، پي ٽي آءِ جي ڪارڪن کان پارٽي جو جهنڊو ۽ ٻيا دستاويز به برآمد ٿيا آهن. وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن به احتجاج جي پٺيان ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ ۽ امن امان کي تباهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته تازو ئي مڪه گڏيل دفاعي معاهدو عمل ۾ آيو، جڏهن به پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ملي ٿي يا ملڪ جي لاءِ ڪا اهم اڳڀرائي ٿئي ٿي، يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو سربراهه پاڪستان جو دورو ڪري ٿو ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. هاڻي به انهن لانگ مارچ جي ڪال ڏني اهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ عالمي سطح تي عزت ۾ اضافو پي ٽي آءِ کي هضم نه ٿي رهيو آهي، اهي هر اهم موقعي تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏين ٿا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته پي ٽي آءِ جي احتجاجن جي پٺيان ڪڌا مقصد آهن جن جو مقصد هٿيارن سان ليس ٿي اچڻ، فائرنگ ڪرڻ، امن امان کي تباهه ڪرڻ ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ آهي جنهن جو اڄ پوري دنيا مشاهدو ڪيو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان ترقي جو سفر جاري رکندو، ملڪي قيادت ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام کي هر محاذ تي ڪاميابي ملندي ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو.










