نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي حڪومت پاران هيستائين کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ناليوارن نمائندن سان مشاورت کانپوءِ انهن …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي حڪومت پاران هيستائين کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ناليوارن نمائندن سان مشاورت کانپوءِ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ کنيا ويا آهن. کيس ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي سهولت لاءِ شروع ڪيل نئين قدمن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مٽاسٽا جي ناڻي جي ذريعي ملڪي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مختلف خدمتن جي فراهمي جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي استعمال کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي طور تي آفيسن ۾ حاضر ٿيڻ جي ضرورت پيش نه اچي. اجلاس م اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير، اوورسيز پاڪستانيز واري مملڪتي وزير، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، آءِ پي سي جي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں