اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستاني پنهنجي اقليتي برادرين جي قومي زندگي ۽ ملڪ جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي ترقي ۾ انهن جي اڻٿڪ خدمتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن اقليتين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. …
پاڪستاني اقليتي برادرين جي خدمتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستاني پنهنجي اقليتي برادرين جي قومي زندگي ۽ ملڪ جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي ترقي ۾ انهن جي اڻٿڪ خدمتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن اقليتين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ان ويزن سان پنهنجي مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته پاڪستان اهڙو ملڪ هجي جتي سمورن شهرين جي حقن، وقار ۽ آزادين جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اقليتين جو تحفظ اسلام جي تعليم ۾ مضبوطي سان راسخ آهي جيڪو اسان جي سمورين برادرين جي لاءِ انصاف، وقار، برابري ۽ احترام کي يقيني بڻائڻ جو درس ڏي ٿي. هن چيو ته اهڙي طرح پاڪستان جو آئين به اقليتن جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ انهن کي برابر شهريت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته بنيادي انساني حقن بابت اهم عالمي معاهدن جي ڌر جي حيثيت سان پاڪستان پنهنجي سمورن شهرين جي بنيادي حقن ۽ آزادين جي تحفظ جي لاءِ پُرعزم آهي ۽ مذهب، نسل يا عقيدي جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي فرق کانسواءِ انهن حقن کي يقيني بڻائڻ جي عزم تي قائم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي اقليتي برادرين جي قومي زندگي ۽ ملڪ جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي ترقي ۾ انهن جي اڻٿڪ خدمتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جي خدمتن اسان جي گڏيل وراثت کي مالامال ڪيو آهي ۽ اسان جي معاشري جي گڏيل رشتن ۽ سماجي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. نائب وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي ان اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هر شهري کي قانون تحت برابر حق، برابر موقعا ۽ برابر تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان اهڙي پاڪستان جي جوڙجڪ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين جتي هر شهري وقار، تحفظ ۽ احساس وابستگي سان زندگي گذاري سگهي ۽ اسان جي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي.











