غزه ۾ جاري اسرائيلي حملن سبب فلسطينين جي زندگين کي خطرا لاحق آهن: گڏيل قومون

غزه- 11 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ جاري اسرائيل جي حملن سبب فلسطينين جي زندگين کي خطرا لاحق آهن ۽ کين انساني امداد جي وڌيڪ ضرورت آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو ته جمعي کان اسرائيلي فائرنگ، بمباري ۽ بحري حملن جي نتيجي ۾ غزه ۾ ڪيترائي فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن. …

غزه- 11 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ جاري اسرائيل جي حملن سبب فلسطينين جي زندگين کي خطرا لاحق آهن ۽ کين انساني امداد جي وڌيڪ ضرورت آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو ته جمعي کان اسرائيلي فائرنگ، بمباري ۽ بحري حملن جي نتيجي ۾ غزه ۾ ڪيترائي فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته عالمي انساني قانون تحت غزه ۾ شهرين ۽ شهري ٺڪاڻن جو تحفظ يقيني بنائڻ گهرجي. رپورٽ موجب غزه ۾ جنگ جي شروعات کان هاڻي تائين ان جي ماهرن هڪ هزار کان وڌيڪ بارود ۽  جنگي مواد جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.