ويزا مسئلن سبب نائيجيريا فليگ فٽبال ورلڊ چيمپئين شپ 2026ع تان دستبردار

جنيوا- 11 آگسٽ (اي پي پي) انٽرنيشنل فيڊريشن آف آمريڪن فٽبال ويزا مسئلن سبب ڊسلڊورف 2026ع فليگ فٽبال ورلڊ چيمپئين شپ مان نائيجيريا جي مردن ۽ عورتن جي ٽيمن جي دستبرداري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انٽرنيشنل فيڊريشن  آف آمريڪن فٽبال نائيجيريا جي نيشنل اسپورٽس ڪميشن ۽ نائيجيرين فيڊريشن آف آمريڪن فٽ بال هڪ گڏيل بيان ۾ ٻڌايو ته نائيجيرين وفد کي وقت تي ضروري ويزا حاصل نه …

جنيوا- 11 آگسٽ (اي پي پي) انٽرنيشنل فيڊريشن آف آمريڪن فٽبال ويزا مسئلن سبب ڊسلڊورف 2026ع فليگ فٽبال ورلڊ چيمپئين شپ مان نائيجيريا جي مردن ۽ عورتن جي ٽيمن جي دستبرداري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انٽرنيشنل فيڊريشن  آف آمريڪن فٽبال نائيجيريا جي نيشنل اسپورٽس ڪميشن ۽ نائيجيرين فيڊريشن آف آمريڪن فٽ بال هڪ گڏيل بيان ۾ ٻڌايو ته نائيجيرين وفد کي وقت تي ضروري ويزا حاصل نه ٿيڻ سبب ٽيمون ايوينٽ مان دستبردار ٿيون آهن. عالمي باڊي مطابق ٻنهي طرفان ٽيمن جي جرمني آمد کي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون، جڏهن ته ويزا وقت تي نه ملي سگهيا. آخري وقت ۾ دستبرداري سبب گروپ اسٽيج ۾ نائيجيريا خلاف طئي ٿيل ميچن ۾ مخالف ٽيمن ۾ پاڻڀرو فتح ڏني ويندي. ناجيريا وٽ لاس اينجلس 2028ع اولپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جو رستو اڃان به کُليل آهي ۽  ٻئي ٽيمون 2027ع جي ڪانٽينينٽل چيمپئين شپ ذريعي اولمپڪ ڪواليفڪيشن مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي سگهن ٿيون.