اسلام آباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي، عالمي برادري ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اڱاري ڏينهن ايڪس تي ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي …
پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي، عالمي برادري ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اڱاري ڏينهن ايڪس تي ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. هن چيو ته اڄ به ڪشميري عوام ڀارتي ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ تشدد کي منهن ڏي رهي آهي جڏهن ته آزادي جي لاءِ انهن جو عزم اڄ به پختو آهي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ڪشميري عوام سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان انشاءَ الله.










