ڪشمير مسئلي جو پائيدار ۽ منصفاڻو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ئي ممڪن آهي: اويس لغاري

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته ڪشمير مسئلي جو پائيدار ۽ منصفاڻو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ئي ممڪن آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اڱاري تي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾  هن چيو ته   27 آڪٽوبر تاريخ …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته ڪشمير مسئلي جو پائيدار ۽ منصفاڻو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ئي ممڪن آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. اڱاري تي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾  هن چيو ته   27 آڪٽوبر تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪيو، ڀارت ڪشميري عوام جي آواز ۽ خوداراديت واري حق کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته واديءَ ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون  عالمي ضمير لاءِ مستقل چئلينج آهن. هن چيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ قيد و بند ڪشميري عوام  جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهي. ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني قدمن ذريعي علائقي جي جاگرافيائي ۽ آبادياتي حيثيت تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي جڏهن ته انج ي هڪ طرفي قدمن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام پختي عزم سان گڏ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ  تائين انهن جي هر ممڪن، سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں