اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي داخلا، ناجائز ۽ ڏاڍ ذريعي قبضي تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪندي قرار ڏنو ويو آهي، ته والاريل ڪشمير جي عوام جي ڪشمير ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاري جدوجهد ۽ قربانيون خراج تحسين پيش ڪن ٿيون. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڄمون ڪشمير جي پرامن …
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي داخلا ۽ ڏاڍ ذريعي قبضي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

مزید خبریں
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي داخلا، ناجائز ۽ ڏاڍ ذريعي قبضي تي مذمتي ٺهراءُ منظور ڪندي قرار ڏنو ويو آهي، ته والاريل ڪشمير جي عوام جي ڪشمير ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاري جدوجهد ۽ قربانيون خراج تحسين پيش ڪن ٿيون. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڄمون ڪشمير جي پرامن حل ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته اڄ کان اٽڪل 78 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج والاريل ڄمون ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو. هن چيو ته ڪشميري عوام ان خلاف هڪ ڊگهو قربانين جو داستان رقم ڪيو، جيتريون شهادتون ٿيون جيڪڏهن 1989ع کان انهن جو شمار ڪيو وڃي ته اٽڪل 97 هزار ماڻهن شهادت ماڻي. هن چيو ته 2 لک گهرن کي ڊاهيو ويو، جيل ۾ به 7 هزار ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو پر انهن جي دلين ۾ اڄ تائين آزادي جو جذبو قائم آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي آئين ۾ ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ لاءِ آئيني شقن کي ختم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان سميت ان معاملي تي هر هنڌ ڪارو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسان ان حوالي سان هڪ ريلي به ڪڍي ۽ جلسو به ٿيو جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. هن ٺهراءٌ پيش ڪندي چيو ته هي ايوان 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي داخلا، ناجائز ڏاڍ ذريعي قبضو ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال کي ڪشمير مسئلي جي تاريخ جو هڪ اهم موڙ قرار ڏئي ٿو. هي ايوان والاريل ڪشمير جي عوام جي ڪشمير ۽ خوداراديت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جاري جدوجهد ۽ قربانين تي کين خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ موجب ڄمون ڪشمير جي پرامن حل ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀري ٿو. هي ايوان ان عزم جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪسان جي قومي اسيمبلي ڪشميري عوام جي جدوجهد ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو. جنهن کان پوءِ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين رانا قاسم نون ايوان ۾ ٺهراءَ جو انگريزي متن پيش ڪيو، قومي اسيمبلي ٺهراءَ جي متفقه طور منظوري ڏئي ڇڏي.









